پريل سومرو

پريل سومرو: نامور ڪهاڻيڪار، شاعر، استاد، محمد پريل ولد خميسو خان سومرو لاڙڪاڻي شهر ۾ 10 آگسٽ 1866ع تي پيدا ٿيو. مين ورنيڪيولر اسڪول لاڙڪاڻي مان سنڌي فائنل جو امتحان 1884ع ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ 15 نومبر 1886ع ۾ ورنيڪيولر اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1900ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٽريننگ ڪري ساڳئي اسڪول جي چارج سنڀاليائين. 1905ع ۾ برانچ اسڪول شاهه محمد جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. 1921ع تي رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي سانگي لکي ٿو ته ’پريل سومرو'>محمد پريل سومرو رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي تعليمي ۽ انتظامي قابليت جي بنياد تي ميونسپل اسڪول بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو. ان کانسواءِ وسيع تجربي ۽ اهليت جي بنياد تي 1936ع ۾ کيس اسڪول بورڊ جو وائيس چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هو اعليٰ درجي جو استاد، منتظم، شاعر ۽ ليکڪ هو.‘ سـنـدس چـار ڪتاب ’انصافي تحقيقات‘ (1924ع)،
اثبات حق‘ (1929ع)، ’آئينه حق‘ ۽ ’جاءِ الحق‘ ڇپيل آهن. هن 1943ع ۾وفات ڪئي.


لفظ پريل سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو